روشن ڇانورو2

روشن ڇانورو2

روشن ڇانورو2

روشن ڇانورو2 (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي معروف ليکڪا ۽ ڪهاڻيڪارِ ثميره زرين جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سندس 16 ڪهاڻيون شامل آهن، جڏهن ته هڪ ڪهاڻي ’دروازو‘ رابندرناٿ ٽئگور جي ڪهاڻيءَ جو سنڌي ترجمو آهي. هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون مختلف مخزنن ’مهراڻ‘ ۽ ’مارئي‘ ۾ اڳئي شايع ٿيل هيون، جن کي سهيڙي، ناري پبليڪيشن حيدرآباد اپريل 1989ع ۾ ڪتابي صورت ۾ آندو. ڪتاب ۾ ’ثميره جي نانءُ‘ جي عنوان هيٺ خيرالنساءِ جعفريءَ جا ويچار ۽ بئڪ ٽائيٽل تي نذير ناز جا تاثر درج آهن. ڪچي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ ڪل 243 صفحا آهن ۽ ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو